|
فہرست مطالب
مزید مطالب
|
لکہاگیا بتوسط محمد حسن لاشاری
لکندڙ : ديدار علي اڪبري مشهدي عالَم (ڪائنات) جي حادث هجڻ جو دليلحسين بن خالد جو چوڻ آهي ته حضرت امام رضا عليه السلام جن جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو : اي رسول الله(صلى الله عليه وآله وسلم) جا فرزند ڪائنات جي حادث هجڻ جو ڪهڙو دليل آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ حضرت جن فرمايو: (( انت لم تَکن ثُمَّ کُنتَ و قد عَلِمتَ اَنّکَ لم تُکَوِّن نَفسَکَ ولاکونک من هو مثلک.)) ڪائنات جي حادث هئڻ جو دليل هيءُ آهي ته تون نه هئين پوءِ تون وجود ۾ اچي وئين، حالانڪه تون اهو به ڃاڻين ٿو ته تو پاڻ کي وجود نه ڏنو آهي ۽ ان شخص به توکي نه بڻايو آهي جيڪو تو جھڙو آهي . [1] جبر جي قائل جو حڪم عبد السلام بن صالح هروي چوي ٿو : ابوالحسن عليّ بن موسي الرّضا (ع) جن کان مون پاڻ ٻڌو جو فرمايائون : (( مَن قال بالجبر فلا تُعطوه من النخکاوت ولا تقبلوا لهم شهادت ، انّ الله تبارک الله تعاليٰ لا يُکَلِّفُ نفسا الّا و ولا يُحمِّلها فوق طاقتها ولا تکسِبُ کُلُّ نفس الّا عليها ، ولا تَزِرُ وازرت و وَزِرَ اُخريٰ .)) ترجمو: جيڪو به جبر جو قائل هجي ان زڪات نه ڏيو ، ۽ ان جي گواهي کي قبول نه قبول نه ڪريو ، ڇاڪاڻ ته الله تبارڪ تعاليٰ ڪنهن کي به سندس طاقت کان ٻاهر تڪليف نه ٿو ڏي ، ۽ ان کي ان جي طاقت ۽ قدرت کان سندس طاقت کان وڌيڪ بار نه ٿو وجھي ، ۽ هر نفس تي جيڪا شيءِ آهي ان کان سواءِ ڪجھ به نه ٿو ڪمائي ، ۽ ڪوبه شخص ٻئي جو بار نه کڻندو.[2] مشرڪ ۽ ڪافر ((ڪفر ۽ شرڪ )) من شَبّه الله تعاليٰ بِخَلقه فَهُوَ مُشرِڪ و مَن نَسَبَ اِلَيه ما نهيٰ عنه فهو ڪافر.[3] ترجمو : جنهن الله تعاليٰ کي ان جي مخلوق سان تشبيه ڏني اهو مشرڪ آهي ، ۽ جنهن الله ڏانهن اهڙي ڳالھ جي نسبت ڏني جنهن کان ان روڪيو آهي اهو ڪافر آهي. مشيت ۽ ارادو الله تعاليٰ جي صفات افعال مان آهن سليمان بن جعفر چوي ٿو : حضرت امام رضا(ع) جن فرمايو: (( المشية والارادة من صفات الافعال ، فَمَن زَعمَ اَنّ الله تعاليٰ لم يَزَل مُرِيدا شائيا فليس بِمُوحِّد.)) ترجمو : مشيت ۽ ارادو افعال جي صفتن مان آهي ، جيڪو شخص اهو گمان رکي ٿو ته الله هميشه کان ارادو ڪرڻ وارو ۽ چاهڻ وارو آهي سو مُوحد نه آهي.[4] امام معصوم کان سواءِ زمين جو باقي نه رهڻ احمد بن عمر کان روايت آهي ته مون حضرت امام رضا(ع) جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو : (( تبقي الارض بغير امام ؟)) ڇا زمين امام (ع) کانسواءِ باقي رهي سگھي ٿي .؟ امام جن فرمايو: ”لا“ نه . مون عرض ڪيو : اسان وٽ حضرت امام صادق (ع) جي روايت آهي جو انهن فرمايو: (( لا تبقيٰ الّا ان يسخَط الله علي العبادِ )) زمين امام معصوم کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي سواءِ ان جي جو الله پنهنجي ٻانهن تي غضب ۽ ڏهر ڪري بقي اذا لَساخت،زمين ڪڏهين نه امام معصوم (ع) کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي ، ۽ جيڪڏهين امام (ع) کا خالي ٿي ته يقينا تباه ۽ برباد ٿي ويندي.[5] معصوم امام کان سواءِ زمين جو باقي نه رهڻ حسن بن عليّ الوشاء چوي ٿو : مون امام (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو : ڇا زمين معصوم امام کان سواءِ باقي رهي سگھي ٿي ؟ امام (ع) جن فرمايو : ((فقلت : فَاِنّا نروي انّها لا تبقيٰ الّا ان يَسخط الله علي العبادِ ، فقال : لا يبقيٰ اذا لَساخت.)) ترجمو : نه ، مون عرض ڪيو : اسان وٽ روايت آهي ته زمين باقي نه ٿي رهي سواءِ ان جي جو الله ٻانهن تي غضب ۽ ڏمر ڪري ، تنهن تي امام (ع) فرمايو: ڪڏهين به امام کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي ، جيڪڏهين زمين ۾ امام معصوم نه هجي ته تباه ۽ غرق ٿي ويندي .[6] خالق ۽ مخلوق جي ارادي ۾ فرق صفوان بن يحيي جو چوڻ آهي ته مون ابوالحسن (ع) ـ امام رضا (ع) ـ جي بارگاه ۾ عرض ڪيو : خالق ۽ مخلوق جي ارادي ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟ امام رضا (ع) جن فرمايو : (( الارادت من المخلوق الضميرُ ومايبدو له بعد ذالڪ من الفعل ، وامّا من الله تهاليٰ : فارادته احداثه لا غير ذالڪ لانّه لا يُرَوّي ولا يَهُمَّ ولايتفکر ، وهٰذه الصفات منفِيَّت عنه و هي من صفات الخلقِ، فارادت الله تعاليٰ هي الفعلُ لا غير ذالڪ ، يقول له ( کن فيکونُ ) ، بلا لفظ ،ولا نطق بلسان ، ولا هِمّت ولا ففڪر ، ولا ڪيف لذالڪ ، کما انّه لاڪيف له.)) ترجمو : مخلوق جو ارادو و فعل (ڪم) جي انجام ڏيڻ تي عزم ۽ پھ جو نالو آهي ، جنهن کان پوءِ فعل وجود ۾ ايندو آهي ، پر الله جو ارادو واحداث ۽ ايجاد ڪرڻ جو نالو آهي نه ڪه ڪاٻي شيءِ آهي ، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ فڪر نه ٿو ڪري ، ۽ اهي صفتون الله تعالي جو ارادو عين فعل آهي نه ڪه ڪا ٻي شيءِ آهي ،هو چوي ٿو (کن فيکون) اهو (ڪن) چوڻ لفظ کان سواءِ ، ۽زبان سان ڳالهائڻ کان بغير هوندو آهي ، ۽ اهو بغير ڪنهن پھ (عزم) ۽ غور فڪر ،۽ ڪيفيت جي آهي ، جھڙي ريت الله تعالي لاٰءِ به ڪا ڪيفيت نه هوندي آهي.[7] الله تعاليٰ جي معرفت جو صفا هيٺيون درجو (( الاقرارُ باَنّه لا اِلهٰ غيره و لا شِبه لَه ولا نظير له ، و انّه قديم ، مُثبت ، موجود غير فقيد ، و انّه ليس کمثله شيءٌ)) ترجمو : الله تعاليٰ جي معرفت جو بالڪل هيٺيون ۽ گھٽ درجو هن شيءِ جو اقرار ڪرڻ آهي ته ان کانسواءِ ڪوبه معبود نه آهي ، ۽ ان جو ڪوبه شبيھ ۽ نظير ( ان جھڙو ۽ ان وانگر ) نه آهي ، ۽ هو قديم آهي ، ۽ هو ايجاد ڪندڙ اهڙو موجود آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي فنا ۽ نابودي نه آهي ، ۽ ڪابه شيءِ ان جھڙي نه آهي .[8] عظمت اهل بيت (ع) (( نَحنُ سادت في الدنيا و ملوڪ في الاخره))[9] ترجمو: اسين دنيا ۾ سردار ۽ آخرت ۾ بادشاه آهيون . الله جي ڌرتي انجي حجت کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي سليمان بن جعفر جعفري جو چوڻ آهي : مون حضرت امام رضا (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو : لاتخلوالارض من حجّت الله .؟) ڇا االله جي حجّت کان زمين خالي رهي سگھي ٿي .؟ امام عليه السلام جن فرمايو : (( لو خلّتِ الارض طرفت عين من حجّت لساخت باهلها .)) ترجمو : جيڪڏهين زمين اک ڇنڀ ( گھڙي پلڪ) لاءِ به حجت خدا کان خالي ٿي وڃي ته زمين پنهنجي رهواسين کي يڪدم غرق (تباه ) ڪري ڇڏيندي .[10] امام معصوم کان سواءِ زمين جو تباه ۽ برباد ٿيڻ محمد بن فضيل کان روايت آهي ته مون ابوالحسن عليّ بن موسيٰ رضا(ع) کا پڇيو : ڇا اهو ٿي سگھي ٿو جو زمين هجي ۽ ان ۾ ڪوبه معصوم امام نه هجي ؟ امام (ع) جن فرمايو : ((لا اذا لساخت باهلها)) ترجمو : نه ، ان وقت زمين پنهنجي رهواسين سان غرق ٿي ويندي .[11] والدين سان نيڪي ڪرڻ (( برالوالدين واجب ، وان کانا مُشرڪين ، ولا طاعت لهما في معصيت الله عزّ و جلّ ، ولا لغيرهما فانّه لا طاعت لمخلوق في معصت الخالق .))[12] ترجمو : والدين سان نيڪي ڪرڻ واجب ۽ ضروري آهي ، ڇا هي اهي مشرڪ ئي ڇو نه هجڻ ، ۽ الله جي معصيت ( نا فرماني) ۾ انهن بنهيءَ جي ڪابه اطاعت ،(فرمانبرداري ) نه آهي ، ۽ نه وري انهن ٻنهي کان علاوه ڪنهن ٻئي جي اطاعت اهي ، ڇاڪاڻ ته خالق جي نافرمانيءَ ۾ مخلوق جي ڪابه اطاعت نه آهي . مال جي گڏ ٿيڻ جا ڪارڻ (( لا يَجتَمِع المال الاّ بخصال خمس : بِبُخل شديد ، و اُمَل طويل، و حرص غالب ، قطيعت الرّحم ، ايثار الدنيا علي الآخرت .)) ترجمو : پنجن برين عادتن کان سواءِ مال گڏ نه ٿيندو آهي: وڏي ڪنجوسي، ڊگهي آرزو، گھڻي لالچ قطع رحمي ۽ دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيڻ سان ئي مال جمع ٿي سگھندو آهي.[13]
حضرت امام حسين (ع) تي روئڻ جو حڪم ۽ امام (ع) جي شهادت جي ڪيفيت
((
يابن شبيب ، ان کنت باکيا لشي ، فانّک للحسن بن علي بن ابي طالب (ع) فانه
ذُبح کما يُذبِحَ الکبشُ و قتل معه من اهل بيته ثمانيت عشر رجلا ما لهم في
الارض شبيه .)) ترجمو : اي ابن شبيب ، جيڪڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ روئڻ چاهين ٿو ته حسين بن ابي طالب (ع) لاءِ روءُ ڇاڪاڻ ته حسين (ع) کي ايئين ذبح ڪيو ويو جيئن گھيٽو ذبح ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان ان جي اهل بيت مان ارڙنهن اهڙا مرد ماريا ويا جن جو زمين تي ڪوبه مٽ نه هيو.[14]الله تعاليٰ جي باري ۾ سٺو گمان رکڻ گھرجي (( اُحسِن بالله الظنَّ فانّ الله عزَّ و جلَّ يقول : انا عند ظنِّ عبدي المومن بي ان خير مخير ، وان شرفشرّ)) ترجمو : الله جي باري ۾ نيڪ ۽ سٺو گمان رک ، ڇاڪاڻ ته الله عزّوجلّ فرمائي ٿو ؛ آئون پنهنجي ان ٻانهي ان جي ويجھو آهيان جيڪو مون تي ايمان رکندڙ آهي ، جيڪڏهين هوڀلو ۽ نيڪ آهي ته ان جي جزا پڻ سٺي ٿيندي ، ۽ جيڪڏهين هو برو آهي ته ان جي سزا پڻ بري ٿيندي .[15] معراج جي تڪذيب ڪرڻ وارو اسلام کان ٻاهر آهي (( من کذب المعراج فقد کذب رسول الله (ص) .)) ترجمو : جنهن معراج کي ڪوڙو قرار ڏنو بتحقيق ان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کي ڪوڙو قرار ڏنو.[16] حضرت امام حسين (ع) جي سهادت تي ستن آسمانن ۽ زمينن جو روئڻ
((
ولقد بکت السماوات السبعُ والارضونَ لِقتله .))ترجمو: ۽ بتحقيق حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت تي ست آسمان رُنا ۽ زمينون رُنيون.[17] محرم جي ڏهين تاريخ ۾ اهل بيت (ع) تي ڪيل مظالم جو بيان (( يابن شبيب ، انّ المحرم هو الشهرالذي کان اهل الجاهليه فيما مضي يُحرمون فيه الظلم والقتال لحرمته ، فما عرفت هّٰذه الامه حرمتَ شهرها ولا حرمت نبيّها (صلي الله عليه وآله وسلم) ، ولقد قتلوا في هذاالشهر ذريته ، وسبّوا نِسائه ، وانتهبو ثقله ، فلا غفر الله لَهُم زالک ابدا . )) ترجمو : اي شبيب جا پٽ (ريّان) ، بتحقيق محرم اهو مهينو آهي جنهن ۾ جاهليت جي زماني جا انسان به گذريل زماني ۾ هن مهيني جي احترام خاطر ظلم ۽ جنگ کي حرام قرار ڏيندا هئا ، پر هن امّت ان مهيني جي نبيّ ڪريم جي ذريّت کي قتل ڪيائون ۽ ان جي نياڻين کي قيدي بڻايائون ، ۽ ان جي عترت کي قيدي لڻيائون ۽ ڦريائون ، اها شي الله هنن کي ڪڏهين به معاف ڪندو.[18] هلاڪ ٿيڻ وارو ۽ نجات پائڻ واروـ ڪافر ۽ مومن جي سڃاڻپ (( من فارقنا هلک، ومن تبعنا نجيٰ، والفارق لنا، ولاجاهدُ لولايتنا کافر و متّبعنا و تابع اوليائنا مومن . )) ترجمو : جيڪو اسان کان ڌار ٿيو اهو هلاڪ (تباھ ۽ برباد ) ٿيو ، ۽ جنهن اسان جي پيروي ڪئي اهو ڪامياب ٿيو ۽ ان نجات پاتي اسان کي ڇڏي ڏيڻ وارو ۽ اسان جي ولايت جو انڪار ڪافر آهي ، ۽ اسان جي پيروي ڪرڻ وارو ۽ ان جي محبّن جو پوئلڳ مومن آهي.[19] آل محمد عليهم السلام جي محبت جو فائدو (( لا يحبنا ڪافر و ولا يبغضنا مومن ، ومن مات و هو يُحبنا کان علي الله حقا ان يبعثه معنا.)) ترجمو : اسان سان ڪوبه ڪافر محبت نه ڪندو ، مومن اسان سان بغض ۽ ڪينو نه رکندو ، جيڪو اسان ساڻ محبت ڪندي هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري وڃي ته الله تعالي تي ضروري آهي ته اهڙي شخص کي اسان سان محشور ڪري.[20] حضرت امام رِضا (ع) جي پنهنجي شهادت متعلق خبر ڏيڻ (( انّي ساقتلُ بالستم مظلوما و اقبرُ الي جنب هارون ، و يجعل الله تربيتي مختلف سيعتي و اهل محبتي فمن زارني في غربتي و وجبت له زيارتي يوم القيامه .)) ترجمو : بيشڪ مون کي مظلوميت جي حالت ۾ زهر سان قتل ڪيو ويندو ۽ هارون جي ڀرسان مون کي دفنايو ويندو ، ۽ الله منهنجي تربت کي منهنجي شيعن ۽ مون سان محبت ڪرڻ وارن جي لاءِ اچ وڃ جي جڳھ قرار ڏيندو ، جيڪو به شخص پرديس ۾ منهنجي زيارت ڪندو ان لاءِ قيامت ڏهاڙي منهنجي زيارت واجب ٿي ويندي.[21] تواضع ۽ عاجزي (( نياز نوڙت )) (( التواضع ان تقطني الناس ما تُحبُّ ان تقطاه)) ترجمو: نياز نوڙت هيءُ آهي ته تون ماڻهن کي اها شي عطا ڪر جيڪا تون ڇاهين ٿو ته تو کي عطا ڪئي وڃي[22] حياء ۽ شرم جي فضيلت (( الحياءُ من الايمان )) ترجمو :حياء ۽ شرم ايمان جو حصو آهي.[23] مختصر وضاحت : حياء ۽ شرم هڪ صفت آهي جيڪا براين کان روڪڻ جو سبب ٿيندي آهي ۽ اهو انهيءَ ڪري جو انسان ملامت کان بچي سگھي ، ڇوته ايمان براين ۽ گناهن کان روڪيندو آهي انهيءَ مناسبت جي ڪري حياء کي ايمان جو حصو قرار ڏنو ويو آهي . قرآن ڪريم جي عظمت ريان بن الصلت جو چوڻ آهي ته مون حضرت امام رضا (ع) جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته توهان قرآن جي باري ۾ ڇاٿا فرمايو ؟ تنهن تي پاڻ فرمايائون : (( القرآن کلام الله لا تتهاوزوه ولا تطلبو الهدي في غيره فتضلُوا)) ترجمو : قرآن الله جو ڪلام آهي ، ان کان اڳيان نه وڌو ، ۽ ان کان علاوه ٻئي هنڌان هدايت نه ڳولهيو ، نه ته گمراه ٿي ويندو .[24] نوٽ : روضت الواعظين کان سواءِ ”القرآن“ لفظ استعمال نه ٿيو آهي ، معني جي لحاظ سان ڪوبه فرق نه آهي . سوال ڪرڻ ۽ گھرڻ جي مذمت (هٿ وڌائي گھرڻ کي خاص طور نريو ويو آهي ) (( المسالت مفتاح البوس ))ترجمو : (ٻين کان) گھرڻ فقر ۽ بدبختي جي چاٻي (ڪنجي) آهي .[25] نوٽ : اڪثر ڪتابن ۾ هن جملي کي عليحده ۽ ڌار ڪري لکيو ويو آهي پر بحارالانوار جي جلد 75 ، ۽ صفحي 356 تي هن جملي کان اڳ ” الانس يذهبُ المهابت “ آيل آهي. حضرت امير المومنين عليّ بن ابي طالب (ع) جن به گھرڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي جام نديو آهي ، پاڻ فرمائن ٿا : ” المسالت مفتاح الفقرت “ دوستي (( الموددُ الي الناس نصف العقلِ )) ترجمو : انسانن سان دوستي ۽ محبت اڌ عقل آهي[26] هر انسان جو دوست ۽ دشمن (( صديق کلِّ امرءِ عقلُه ، وعدو جهلُه))ترجمو : هر انسان جو دوست انجو عقل ، ۽ ان جو دشمن جهل (جاهليت) آهي.[27] وڏو ڀاءُ (( الاخ الاکبرُ بمنزلت الاب)) ترجمو: وڏو ڀاءُ پيءُ جي جگھ هوندو آهي.[28] صاف سٿرو هئڻ (( من اخلاق الانبياءِ التّنظّفُ)) ترجمو : صاف سٿرو هئڻ ڪري انبياءِ (ع) جي اخلاق مان آهي[29] نعمت ۽ سرندي وارو انسان (( صاحب النِّعمت يجبُ عليه التّوسعت علي عياله ))[30] ترجمو : جيڪو نعمت ۽ سرنديءَ وارو آهي ان تي واجب آهي جو پنهنجي اهل ۽ عيال تي خرچ ڪرڻ ۾ وسعت ڏئي. ڪنجوس، حاسد، بادشاه ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي حالت (( ليس بخيل راحت، ولا لحسود لذت، ولا لملوک وفاءٌ، ولا لڪذوب مروءَت )) ترجمو :ڪنجوس انسان لاءِ ڪوبه سک ۽ چين نه آهي ۽ حسد ڪرڻ واري لاءِ ڪا لذت نه آهي ۽ بادشاهن۾ وفا ڪونه آهي ۽ ڪوڙي شخص لاءِ مروّت نه آهي.[31] صبر جي فضيلت ((انّ الصبر علي البلاءِ حسن جميل ، و افضل منه عن المحارم)) ترجمو: بيشڪ مصيبت تي صبر ڪرڻ ڏاڍو ڀلو ۽ سهڻو آهي ، ۽ ان کان وڌيڪ سـٺو ۽ بهتر حرام ڪمن کان صبر ڪرڻ آهي.[32] چُپ رهڻ جي فضيلت (( من علامات الفقه والحلم والعلم والصمت انّ الصمت باب من ابواب الحکمه انّ الصمت يکسب المحبتَ، انّه دليل عليٰ کُلِّ خير)) [33] ترجمو : معرفت جي نشانين مان حلم (بردباري) ، ۽علم ، ۽ خاموشي آهي ، بيشڪ خاموشي پيار ۽ محبت جو سبب آهي ، ۽ اها هر ڀلائي جي رهنما آهي. فقه مان مراد ديني امور ۾ بصيرت آهي يا ان مان مراد دنيا ۽ آخرت لاءِ فائدو ڏيندڙ شين جو علم آهي. علم مان مراد علم جا آثار آهن جهڙوڪ حقّ کي ثابت ڪرڻ ، باطل کي مٽائڻ ، ۽ دين جي ترويج ۽ پرچار ۽ پکيڙ آهي پس ان لحاظ سان علم فقه جي آثار ۽ علامتن مان آهي ، لهذا هن اعتراض جي ڪابه جڳھ ئي ڪونه آهي جو علم ۽ فقه ٻئي هڪ شيون آهن ، ۽ ڪابه شيءِ پنهنجي لاءِ پنهنجي لاءِ علامت نه ٿي ٿي سگھي. حڪمت مان مراد احڪام ۽ موجودات جي حالات جي معرفت ، ۽ الله جي تابعداري ، فرمانبرداري ، ۽ ڀلا ڪم انجام ڏيڻ آهي ، ۽ اها معرفت فڪر کانسواءِ حاصل ڪونه ٿيندي ، ۽ فڪر ڪڏهين به حاصل نه ٿيندو ، يا پورو ۽ مڪمّل نه ٿيندو سواءِ ان جي جو فضول اجاين ڳالهين کان خاموشي اختيار ڪجي.[34] خاموشي ۽ زبان جي حفاظت (( الصّمت باب من ابواب الکمه ، انّ الصّمتَ يکسب المحبتَ ، انّه دليل علي کُلِّ خير .))[35] ترجمو : خاموشي ۽ چپ رهڻ حڪمت جي دروازن مان هڪ آهي ، بيشڪ خاموشي ، محبت ۽ پيار کي حاصل ڪندي آهي ، بتحقيق خاموشي هر ڀلائي لاءِ دليل ۽ رهنما آهي . امين ڪڏهن به خيانت نه ڪندو آهي (( لم يَخُنک الامين ولٰکن ائتمنتَ الخائِنَ .))[36] ترجمو : امانتداري انسان توسان خيانت نه ڪئي آهي پر تو خيانت ڪرڻ واري شخص کي امين سمجھو. بي وس شخص جي مدد ڪرڻ (( عونک للضَّعِيفِ افضلُ من الصّدقتِ))[37] ترجمو : تنهنجو ڪمزور ۽ بي وس انسان جي مدد ڪرڻ صدقي ڏيڻ کان بهتر آهي . عقل جو مٿاهون درجو (( افضلُ العقل معرفة الانسان نفسه))[38] ترجمو : عقل جو سڀ کان مٿاهون درجو انسان جو پاڻ کي سڃاڻڻ آهي. ڪامل ايمان ((والايمان هو اداءُالامانتِ و اجتناب جميع الڪبائر ، و هو معرفت بالقلب ، و اقرار باللسانِ ، وعمل بالارڪانِ))[39] ترجمو : ۽ ايمان امانت جي ادائگي ، ۽ مڙني وڏن گناهن کان پرهيز ڪرڻ ۽ اهو دل سان سڃاڻڻ ۽ معرفت رکڻ ، ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ، ۽ عضون سان ڪم ڪرڻ جو نالو آهي مومن جي پريشاني ۽ ڏک ختم ڪرڻ ((من فَرَّج عن مومن فرّجَ الله عن قلبه يوم القيامة)) [40] ترجمو : جنهن شخص ڪنهن به مومن جي دل مان ڏک ۽ غم پري ڪيو، الله قيامت جي ڏهاڙي ان شخص جي دل هر طرح جو ڏک ۽ رنج پري ڪندو . الله جي فرمانبرداري جي جڙ (( راس طاعتِ الله الصّبرُ والرِّضا ))[41] ترجمو : الله جي اطاعت ۽ فرمانبرداري جي پاڙ ۽ بنياد صبر ۽ قضا ۽ قدر تي راضي هجڻ آهي . بهترين مال (( افضل المال ما وُقِيَ بِه العِرضُ))[42] ترجمو : بهترين مال اهو آهي جنهن جي ذريعي عزت بچائي وڃي عقل ۽ ادب (( يا ابا هاشم العقلُ حياءٌ من الله والادب کلفت ، فمن تکلف الادب قدر عليه ، ومن تکلف العقل لم يزدد بذالک الّاجھلا .))[43] ترجمو : اي هاشم ؛ عقل الله طرفان عطيو آهي ، ۽ ادب ڪوشش ۽ ڏکيائي سان حاصل ٿيندو آهي ؛ جنهن شخص ادب حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليف ۽ ڏکيائي برداشت ڪئي ، تنهن کي ادب حاصل ٿي ويندو ، ۽ جنهن شخص عقل جي حاصل ڪرڻ جي تڪليف ڪئي ته ان شخص ان جي ذريعي جهل ۽ بي وقوفي کان سواءِ ڪجھ به نه وڌايو .مرحوم شيخ طريقي پنهنجي ڪتاب ”مجمع البحرين“ ۾ لکن ٿا: حضرت امام (ع) ان ڪلام مان ارادو ڪن ٿا ته عقل وهبي ۽ الله طرفان عطاء آهي ۽ ادب ڪسبي آهي ، ۽ جھل مان مراد بي وقوفي ۽ حماقت آهي[44] مڪمل ۽ حقيقي عبادت (( ليس العبادت ڪثرت الصلات والصوم، انّما العبادت التّفکر في امر الله عزّوجلّ . )) ترجمو : عبادت، گھڻي نماز پڙهڻ ۽ گھڻا روزا رکڻ نه آهي، عبادت ته صرف الله عزّوجلّ جي امر ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جو نالو آهي. هيءُ حديث تحف العقول ۾ هنن لفظن سان ذڪر ٿيل آهي : (( ليس العبادت کثرت الصيام ، والصلاة و انّما العباد کثرت التفکر في امر الله)) عبادت گھڻن روزن ۽ نمازن جو نالو نه آهي ، ۽ عبادت ته الله جي امر ۾ گھڻي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو نالو آهي[45] فضول ڳالهائڻ ، اجايو مال ضايع ڪرڻ ۽ گھڻن سوال ڪرڻ جي مذمت
((انّ الله عزّوجلّ يُبغض القيل والقال واضاعت المال و ڪثرت السوال))
ترجمو : بتحقيق الله عزّوجلّ اجاين ۽ فضول ڳالهين ۽ مال کي ضايع ڪرڻ ۽ گھڻي سوال ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري[46] غور و فڪر ڪرڻ (( التفکر مرآتک تريک سيّئاتک و حسناتک ))[47] ترجمو : فڪر ڪرڻ تنهنجو هڪ اهڙو آئينو آهي جيڪو تو کي تنهنجو برايون ۽ ڀلايون ڏيکاري ٿو . احسان ڪندڙ شخص جو شڪر ادا ڪرڻ ضروري آهي (( من لم يشکر المنعم من المخلوقين لم يشکر عزّ و جلّ ))[48] ترجمو : جنهن به مخلوق مان نعمت ڏيڻ واري شخص جو شڪر ادا نه ڪيو تنهن الله عزّ و جلّ جو شڪر ادا نه ڪيو. حرص ۽ حسد کان بچڻ (( ايّاکم والحرصَ والحسد فانهما اهلکا الامم السالفتَ .)) ترجمو : بچو بچو حرص ۽ حسد کان بچو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي گذريل امّتن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو[49] حق لاءِ صبر جو ثواب (( من صبر للحق ، عوّضه الله خيرا ممّا صبر عليهِ ))[50] ترجمو: جنهن حق خاطر صبر ڪيو ، الله ان شخص کي ان جي بدلي ۾ ان شيءِ کان وڌيڪ بهتر عطا فرمائيندو جنهن تي هن صبر ڪيو هيو حد کان وڌيڪ گَھَري ۽ مانوس ٿيڻ جي مذمت (( الانس يُذهبُ المهابتَ )) ترجمو : حد کان وڌيڪ ميل جول ۽ مانوس هجڻ هيبت کي ختم ڪري ٿو[51] الله تعاليٰ کي مخلوق سان تشبيه ڏيندڙ مشرڪ آهي . (( من شَبَّه الله بخلقه فهو مشرک))جنهن الله تعاليٰ کي ان جي مخلوق سان تشبيه ڏني اهو مشرڪ آهي الله تي ڀروسي ڪرڻ جو فائدو ( اسراف جي مذمت ۽ قناعت جي فضيلت ) ((من اراد ان يکون اغني النّاس ، فليکن واثقا بما عندالله عزّ و جلَّ)) ترجمو : جيڪو شخص سڀني کان وڌيڪ غني ۽ دولتمند ٿيڻ چاهي ٿو تنهن کي گھرجي ته جيڪا به شي الله عزّ و جلّ وٽ آهي ان تي ڀروسو ڪري .[52] جزا ۽ عطا ((من ايقن بالخلقِ جاد بالعطيتِ)) ترجمو : جنهن شخص جزا جو يقين ڪيو ان بخشش ۽ عطا سان سخاوت ڪئي . صدقو (( خير مال المرءِ و ذخائره الصدقتُ )) ترجمو : انسان جو سڀ کان بهتر مال ۽ ذخيرو صدقو آهي . اخلاق جا قسم (( حسن الخلق سجِيّت و نيّت ، و صاحب النيتِ افضلُ .))[53] ترجمو : اخلاق ٻن قسمن جو هوندو آهي : هڪ فطري ۽ ٻيو اڪتسابي (ڪسبي) ۽ اڪتسابي خلق وارو شخص فطري خلق واري کان بهتر ۽ افضل آهي . [1] _ توحيد ، ص 293 (2)_ الامالي ، للشيخ الصدوق ، ص 433 (3)_ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج 2 ،ص 256 (4)_ الاحتجاج ، ج 2 ، ص171 (5)_ بحار الانوار ، ج 54 ، ص 256 (6)_ الفصول المهمّه في اصول الائمّه (ع) ج1 ، ص140 [2] _ التّوحيد ، ص352 ، باب 59 ،ح9 (2)عيون اخبارالرِّضَا (ع) ج2 ،ص 131 ، (3)مسندالامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص36 [3] _ (1)عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص105 ، باب 11 (( ماجاء عن الرّضا علي بن موسي (ع) من الاخبار في التّوحيد )) (2)جامع احاديث الشيعه ، ج26 ، ص28 (3)نزهت الناظر و تنبيه الخاطر ، ص128 ، ح3 [4] _ التوحيد ، ص338 ، باب 55 ، باب المشيه والاراده مختصر بصائر الدرجات ، ص 143 [5] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2، ص246، باب28 ،ح2 علل الشرايع ، ج1، ص198 ، باب 153 ، ح19 [6] _ علل الشرايع ، ج1،ص198 ، باب 153 ، ح20 الڪافي ، ج1 ، ص179 ، باب انّ الارض لا تخلومن حجه ،ح12 عيون اخبارالرضا(ع) ، ج2 ،ص246 ،باب28 ،ح3 [7] _ الڪافي ، ج1 ،ص109 ،(باب الاراده )، ح3، التوحيد ، ص147 ، باب 11 ،ح17 عيون اخبارالرضا(ع) ،ج2 ، ص 109 ، باب 11 ،ح11 مختصر بصائرالدرجات ، ص140 ( احاديث الاراده و انّها من صفات الافعال ) الفصول المهمه في اصول الائمه ، ج1 ، ص 194 ،باب 25 ،ح3 [8] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص 122 التوحيد ، 277 ، باب 40 ، ح1 الڪافي ، ج1 ، ص86 ( باب ادني المعرفه ، ح1) ڪتاب التوحيد [9] _ الامالي ، للصدوق ، ص 652 ، ح889ـ17 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج ، ص62 ، ح210 بحارالانوار ، ج 26 ، ص262 ، ح44 (باب جوامع مناقبهم و فضائلهم (ع) ) [10] _ بصائرالدرجات ، ص509 ، باب 12 ، ح8 ڪمال الدين و تمام النعمه ، ص204 ، باب21 ، ح15عيون اخبارالرِضا (ع) ، ج2 ، ص246 ، باب156 ، باب28 ،ح2علل الشرايع ، ج1، ص198 ، باب 153 ، ح21 [11] _ علل الشرائع ، ج1 ، ص198 ، باب 153 ، ح17 ، الڪافي ،عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص246 ، باب28 ، ح 1 [12] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص132 ، باب 35 ، ح1 وسائل الشيعه ، ج16 ، ص155 ، باب 11 ،ح10 بحارالانوار ، ج71 ، ص71 ، (( في معصيت الله عزّوجلّ جي جگھ تي ”في معصيت الخالق“ آيل آهي ، ۽ ان کان پوءِ وارو جملو ذڪر نه ڪيو ويو آهي .)) مسند الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص500 ، ڪتاب النوادر ، ح103 [13] _ الخصال ، للشيخ الصدوق ، ص 282 ، ح29 ، مشکات الانوار ، ص 470 ، فصل 8 ، عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص250 ، ح13 ، باب 28 ، بحارالانوار ، ج 70 ، ص 137 ، باب 133 ، ح5وسائل الشيعه ، ج 17 ، ص 34 ، ” باب استصحاب جمع المال من حلال لاجل النفقت في الطاعات ، کراهت جمعه لغير ذالڪ “ح 4 [14] _ الامالي ، للشيخ الصدوق ، ص 192 ، ح 202ـ5 بحارالانوار ، ج98 ، ص 102 ـ 103 ، المجالس الفاخره في مصائب الصره الطاهره ، ص62 درر الاحبار ، حجازي ، خسروشاهي ، ص 694 ، حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص336 [15] _ بحارالانوار ، ج67 ، ص385 ، ح44 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص22 ، ح44 (.....عند ظنِّ عبدي المومن بي ان خير مخير ، وان شرفشرّ.)) ٿورڙي لفظي اختلاف سان ذڪر ٿيل آهي . [16] _ صفات الشيعه ، ص50 ” ليکڪ شيخ صدوق عليه الرحمه ، ڪانون انتشارات عابدي ، القرآن . “ بحارالانوار ، ج18 ، ص312 ” اثبات المعراج و معناه و کيفيته ....“ ،ح23 مستدرک سفينت البحار ، ج5 ، ص31 ، مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص81 ، [17] _ الامالي ، للشيخ الصدوق ، ص192 .عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص269وسائل الشيعه ، ج14 ، ص502 ، ح5 ، باب66.بحارالانوار ، ج44، ص286 ، 7 ج98 ، ص103العوالم ، الامام الحسن (ع) ، ص 539 ، باب4 ، ح2 .جامع احاديث الشيعه ، ج12 ، ص548 [18] _الامالي للشيخ الصدوق ، ص192بحارالانوار ج98 ، ص103 ، باب14 ، ح3دررالاحبار ، ص694 المجالسُ الفاخره ، ص61 ، حيات الامام الرضا (ع) ج2 ، ص336 [19] _ تفسيرالقمي ، ج2 ، ص104 ”آيت نور جي تفسير “ تفسير نور الثقلين ، ج3 ، ص607 ” آيت نور جي تفسير “ غايت المرام ، ج3 ، ص262الشيعة في احاديث الفريقين ، ص530 [20] _ تفسيرالقمي ، ج2 ، ص104 ” سورت نور مان آيت نور جي تفسير “تفسير نور الثقلين ، ج3 ، ص607 غايت المرام ، ج3 ، ص262 ” الباب الحدي عشر في قوله تعالي : في بيوت اذن الله ...“ الشيعه في احاديث الفريقين ، ص530 [21] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص248 ، باب52بحارالانوار ، ج99 ، ص36 ، باب4 ، ح23 جامع احاديث الشيعه ، ج12 ، ص592 [22] _الڪافي ، ج2 ، ص124 ، باب التواضع ، ح13 بحارالانوار ، ج72 ، ص135 ، ح36 جامع احاديث الشيعه ، ج14 ، ص302 ، باب 71 ، ح21 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص273 ، باب التواضع والحلم ، ح66 [23] _ عيون اخبارالرض (ع) ، ج2 ، ص239 ، باب 26 ، ح 23 مسند الامام الرضا (ع) ، ج 1 ص281 ، باب النوادر ، ح 92 [24] _ روضة الواعظين ، ص 38بحارالانوار ، ج89 ، ص117 ، باب 14 ، ح2التّوحيد ، ص224 ، باب القرآن ، ح2 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص62 ، ح209 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص307 ۽ 308 [25] _ عيون الحڪم والمواعظ ، ص43 باب 1الدررالباهره من الاصداف الطاهره ، ص8جامع احاديث الشيعه ، ج8 ، ص458 ، ح1336 بحارالانوار ، ج93 ، ص157 ، باب16 (باب دمّ السوال خصوصا بالڪف و من المخالفين ) ، ح 35 [26] _الڪافي ، ج2 ، ص643 ، ح4،،تحف العقول ، ص443 بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح 15 الانوار البهيّه ، ص221 وسائل الشيعه ، ج12 ، ص52 ، ح3 ، باب استصحاب التحبب .... اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 حياة الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 ، ح9 الفصول المهمه في اصول الائمه ، ج3 ، ص356 باب 84 ،ح2 صحيفة الرضا (ع) ، ص390 ، ح20 موسوعة المصطفي والعتره (ع) ، ج11 ، ص286 ، ح25 ۽ ج12 ، ص381 ، ح14_ [27] _ الڪافي ، ج1 ، ص11 ، ڪتاب العقل والجهل ، ح4 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص27 ، ح1 ، باب 31 ، ۽ ج2 ، ص234 ، باب 36 ، ح15 تحف العقول ، ص443 ڪشف الغمه ، ج3 ، ص85 بحارالانوار ، ج75 ، 335 ، ح14 ، باب26 الانوارالبهيه ، ص221 موسوعه احاديث اهل البيت (ع) ، ج2 ، ص415 ، ۽ ج7 ، ص232 ، ۽ ج9 ، ص394 [28] _ تحف العقول ، ص442 بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح10 مستدرل سفينه البحار ، ج1 ، ص74 اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 حيات الامام الرضا(ع) ، ج2 ،ص82 ، موسوعة المصطفيٰ العترت (ع) ، ج12 ، ص380 مسند الامام الرضا(ع) ، ج2 ، ص257 ، ح13 [29] _ التحف العقول ، ص442 بحارالانوار ، ج75 ، ح4 ، باب 26 مستدرک سفينه البحار ، ج9 ، ص519 ۽ ج10 ، ص93 الڪافي ، ج5 ، ص567 [30] _ الڪافي ، ج4 ، ص11 ، باب ڪفايت العيال والتّوسعت عليه ، ح5 تحف العقول ، ص442 ، بحارالانوار ، ج75 ،ص335 ، ح2 ، باب26 وسائل الشيعه ، ج21 ، ص540 ، ح3 مستدرک سفينت البحار ، ج10 ، ص105 جامع احاديث الشيعه ، ج21 ، ص467 مسند الامام الرضا(ع) ، ج1 ، ص285 ، ح114 اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 جامع السعادات ، ج2 ، ص110 [31] _ تحف العقول ، ص450 بحارالانوار ، ج75 ، ص345 ، ح48 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص286 ، ح125 ، ۽ ج2 ، ص480 ، ح58 اعيان االشيعه ، ج2 ، ص28 حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 ، ح22 صحيفه الرضا (ع) ، ص396 ، ح25 موسوعة المصطفي والعتره (ع) ، ج12 ، ص385 ، ح40 _ [32] فقه الرضا (ع) ، ص368 ، باب الصبر والڪتمان والنصيحه [33] _1ـ الکافي ، ج2 ، ص113 ، باب الصمت و حفظ اللسان ، ح1 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص234 ،ح14 وسائل الشيعه ، ج12 ، ص182 ، باب 117 ، ح1 بحارالانوار ، ج2 ، ص48 ، ۽ ج68 ،ص276 [34] _ شرح اصول کافي ، ج8 ، ص333 [35] _ تحف العقول ، ص442 مستدرک الوسائل ، ج9 ، ص17 ، باب استصحاب الصمت ......... موسوعة المصطفيٰ والعترت (ع) ، ص382 الاختصاص ، ص232 ، بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح8 الانوارالبهيه ، ص221 .صحيفة الرضا (ع) ، ص386 [36] _تحف العقول ، ص442 . بحارالانوار ، ج75 ، ص335 اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 موسوعة المصطفيٰ والعترت (ع) ، ج12 ، ص385 ، فصل 12 ، ح 36 [37] _ تحف العقول ، ص414 .. حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 ، ح20 الانوارالبهيه ، ص 221 . صحيفة الرضا (ع) ، ص394 مستدرک سفينة البحار ، ج7 ، ص489 . بحارالانوار ، ج75 ، ص334 [38] _ حياةالامام الرضا(ع) ، ج2 ، ص68 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص302 بحارالانوار ، ج75 ، ص352 . اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 الدررالنظم ، ص691 . العدد القويه ، ص292 [39] _ الفصول المهمه في اصول الائمه ، ج1 ، ص438 ، باب 110 ، ح 22 [40] _ اصول الکافي ، ج2 ، ص200 ، ح4 باب تفريج کرب المومن وسائل الشيعه ، ج11 ، ص587 ، ح 6 باب استحباب تفريح ڪرب المومن بحارالانوار ، ج71 ، ص321 ، ح88 [41] _ مستدرک سفينت البحار ، ج4 ، ص149 فقه الرضا (ع) ، ص359 _[42] صحيفه الرضا (ع) ، ص396 [43] _ اصول الڪافي ، ج1 ،ص24 ، ڪتاب العقل والجهل ، تحف العقول ، ص448 . بحارالانوار ، ج75 ، ص342 [44] _ مجمع البحرين ، ج1 ، ص451 [45] _ الکافي ، ج2 ، ص55 ، باب التفکر ، ح4 حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص68مسند الامام الرّضا (ع) ، ج1 ، ص3 ، باب العقل ، ح3 بحارالانوار ، ج75 ، ص 335 ، ح 3 ، باب 26 ( تحف العقول مان نقل ٿيل آهي ) وسائل الشيعه ، ج15 ، ص156 ، ۽ ج16 ، ص156 التفسير الصافي ، ج1 ، ص409 ، تفسير نورالثقلين ، ج 1 ، ص40 تفسير کنزالدقائق ، ج2 ، ص319 . تحف العقول ، ص466 ، ح2 ( با ترجمه کوه کمره اي ) [46] _ الکافي ، ج 5 ، ص300 ، ح5 . مسند الامام الرضا (ع) ج1 ، ص285 ، ح116۽ ج2 ، ص480 ، ح55 بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح16 . الوارالبهيه ، ص221 [47]_ فقه الرضا (ع) ، ص380 . جامع احاديث الشيعه ، ج14 ، ص309 ، ح2633 بحارالانوار ، ج68 ، ص325 ، باب 80 ( باب التفکر والاعتبار والاتّعاظ بالعبر ) ح19 مستدرک الوسائل ، ج11 ، ص184 ، باب استصحاب التفکر فيما يوجب الاعتبار والعمل ، ح6 [48] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص27 ، ح2 ، وسائل الشيعه ، ج11 ، ص542 ، ح15 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص299 . بحارالانوار ، ج68 ، ص44 ، ح47 جامع احاديث الشيعه ، ج13 ، ص538 ، ح1546 موسوعة احاديث اهل البيت (ع) ، ج5 ، ص424 مستدرک سفينة البحار ، ج6 ، ص30 ، باب شڪر المنعم ، ص298 [49] _بحارالانوار ، ج75 ، ص346 [50] _ فقه الرضا (ع) ، ص368 . بحارالانوار ، ج68 ، ص90 [51] _ بحارالانوار ، ج71 ، ص181 . ميزان الحکمه ، ج1 ، ص22 الدرر الباهرت من الاصداف الطاهرت ، ص8 ، ح6 ( شهيد اول) [52] _ فقه الرضا (ع) ص346 (باب القناعه ) بحارالانوار ، ج68 ، ص348جامع احاديث الشيعه ، ج8 ، ص463 ، باب استصحاب القناعه ... ح1363 مستدرک الوسائل ، ج15 ، ص225 ، باب استصحاب القناعه .... ح11 [53] _ فقه الرضا (ع) ، ص378 ملتے جلتے موضوعات: سيرت معصومين عليهم السلام
.:: This Template By : Muhammad Hassan Lashari ::. |
ہمارے بارے میں
![]() محمد حسن لاشاری ۔ ہم سے رابطہ: مشھد مقدس ایران موبائل/واٹسپ نمبر: 00989382237825 www.facebook.com/Hassan.iran فیس بوک Hassan.iran@facebook.com آخری پوسٹ
|