وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ
فہرست مطالب
قرآن اور حديث
امام علی رضا کے فرامین
سيرت معصومين عليهم السلام
ھماری فعالیت،تصاویر
حضرت امام رضا (ع)
اسٹوڈنٹس سے مخصوص احكام
محرم الحرام
اسلامي عقيدا
اصول دين
رمضان الکریم
تاريخ اسلام
فروع دين
علماء کی سيرت
انقلاب اسلامی
منزل بہ منزل کربلا
ماہ رمضان
دعا اور زيارت
علمي مقالا
زندگي کے آداب
فلسفه و کلام
اردو مقالات
فارسي مقالات
اردو دروسِ حوزوی
بیداری اسلامی
تصاویر
موبائل کے بہترین اسلامی سافٹ
ہمارے بارے میں ـ ہم سے رابطہ
ڈانلوڈ اردو کتابیں
14 معصومین کی حدیثیں
لنکس ( دیگر سائٹس )
جاننے والے
ڈزائنز
تصویری رپورٹ
لنکس
عشرۂ فجر
مختار ثقفی کون تھے؟
تقليد ڇا آهي ؟
حضرت علي (ع) جون آخري وصيتون
مومن ناڪام ڇو؟
تمام لنکس
مزید مطالب
اقوال امام رضا عليه السلام
لکہاگیا بتوسط محمد حسن لاشاری

لکندڙ : ديدار علي اڪبري مشهدي
عالَم (ڪائنات) جي حادث هجڻ جو دليل
 حسين بن خالد جو چوڻ آهي ته حضرت امام رضا عليه السلام جن جي خدمت ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو : اي رسول الله(صلى الله عليه وآله وسلم) جا فرزند ڪائنات جي حادث هجڻ جو ڪهڙو دليل آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ حضرت جن فرمايو:
(( انت لم تَکن ثُمَّ کُنتَ و قد عَلِمتَ اَنّکَ لم تُکَوِّن نَفسَکَ ولاکونک من هو مثلک.)) ڪائنات جي حادث هئڻ جو دليل هيءُ آهي ته تون نه هئين پوءِ تون وجود ۾ اچي وئين، حالانڪه تون اهو به ڃاڻين ٿو ته تو پاڻ کي وجود نه ڏنو آهي ۽ ان شخص به توکي نه بڻايو آهي جيڪو تو جھڙو آهي . [1]
 جبر جي قائل جو حڪم
عبد السلام بن صالح هروي چوي ٿو : ابوالحسن عليّ بن موسي الرّضا (ع) جن کان مون پاڻ ٻڌو جو فرمايائون :
(( مَن قال بالجبر فلا تُعطوه من النخکاوت ولا تقبلوا لهم شهادت ، انّ الله تبارک الله تعاليٰ لا يُکَلِّفُ نفسا الّا و ولا يُحمِّلها فوق طاقتها ولا تکسِبُ کُلُّ نفس الّا عليها ، ولا تَزِرُ وازرت و وَزِرَ اُخريٰ .))
 ترجمو: جيڪو به جبر جو قائل هجي ان زڪات نه ڏيو ، ۽ ان جي گواهي کي قبول نه قبول نه ڪريو ، ڇاڪاڻ ته الله تبارڪ تعاليٰ ڪنهن کي به سندس طاقت کان ٻاهر تڪليف نه ٿو ڏي ، ۽ ان کي ان جي طاقت ۽ قدرت کان سندس طاقت کان وڌيڪ بار نه ٿو وجھي ، ۽ هر نفس تي جيڪا شيءِ آهي ان کان سواءِ ڪجھ به نه ٿو ڪمائي ، ۽ ڪوبه شخص ٻئي جو بار نه کڻندو.[2]
 مشرڪ ۽ ڪافر ((ڪفر ۽ شرڪ ))
 من شَبّه الله تعاليٰ بِخَلقه فَهُوَ مُشرِڪ و مَن نَسَبَ اِلَيه ما نهيٰ عنه فهو ڪافر.[3]
 ترجمو : جنهن الله تعاليٰ کي ان جي مخلوق سان تشبيه ڏني اهو مشرڪ آهي ، ۽ جنهن الله ڏانهن اهڙي ڳالھ جي نسبت ڏني جنهن کان ان روڪيو آهي اهو ڪافر آهي.
مشيت ۽ ارادو الله تعاليٰ جي صفات افعال مان آهن
سليمان بن جعفر چوي ٿو : حضرت امام رضا(ع) جن فرمايو:
 (( المشية والارادة من صفات الافعال ، فَمَن زَعمَ اَنّ الله تعاليٰ لم يَزَل مُرِيدا شائيا فليس بِمُوحِّد.))
 ترجمو : مشيت ۽ ارادو افعال جي صفتن مان آهي ، جيڪو شخص اهو گمان رکي ٿو ته الله هميشه کان ارادو ڪرڻ وارو ۽ چاهڻ وارو آهي سو مُوحد نه آهي.[4]
 امام معصوم کان سواءِ زمين جو باقي نه رهڻ
 احمد بن عمر کان روايت آهي ته مون حضرت امام رضا(ع) جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو :
 (( تبقي الارض بغير امام ؟)) ڇا زمين امام (ع) کانسواءِ باقي رهي سگھي ٿي .؟ امام جن فرمايو: ”لا“ نه . مون عرض ڪيو : اسان وٽ حضرت امام صادق (ع) جي روايت آهي جو انهن فرمايو:
(( لا تبقيٰ الّا ان يسخَط الله علي العبادِ )) زمين امام معصوم کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي سواءِ ان جي جو الله پنهنجي ٻانهن تي غضب ۽ ڏهر ڪري بقي اذا لَساخت،زمين ڪڏهين نه امام معصوم (ع) کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي ، ۽ جيڪڏهين امام (ع) کا خالي ٿي ته يقينا تباه ۽ برباد ٿي ويندي.[5]
معصوم امام کان سواءِ زمين جو باقي نه رهڻ
 حسن بن عليّ الوشاء چوي ٿو : مون امام (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو : ڇا زمين معصوم امام کان سواءِ باقي رهي سگھي ٿي ؟ امام (ع) جن فرمايو :
((فقلت : فَاِنّا نروي انّها لا تبقيٰ الّا ان يَسخط الله علي العبادِ ، فقال : لا يبقيٰ اذا لَساخت.))
ترجمو : نه ، مون عرض ڪيو : اسان وٽ روايت آهي ته زمين باقي نه ٿي رهي سواءِ ان جي جو الله ٻانهن تي غضب ۽ ڏمر ڪري ، تنهن تي امام (ع) فرمايو: ڪڏهين به امام کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي ، جيڪڏهين زمين ۾ امام معصوم نه هجي ته تباه ۽ غرق ٿي ويندي .[6]
خالق ۽ مخلوق جي ارادي ۾ فرق
صفوان بن يحيي جو چوڻ آهي ته مون ابوالحسن (ع) ـ امام رضا (ع) ـ جي بارگاه ۾ عرض ڪيو : خالق ۽ مخلوق جي ارادي ۾ ڪهڙو فرق آهي ؟ امام رضا (ع) جن فرمايو :
(( الارادت من المخلوق الضميرُ ومايبدو له بعد ذالڪ من الفعل ، وامّا من الله تهاليٰ : فارادته احداثه لا غير ذالڪ لانّه لا يُرَوّي ولا يَهُمَّ ولايتفکر ، وهٰذه الصفات منفِيَّت عنه و هي من صفات الخلقِ، فارادت الله تعاليٰ هي الفعلُ لا غير ذالڪ ، يقول له ( کن فيکونُ ) ، بلا لفظ ،ولا نطق بلسان ، ولا هِمّت ولا ففڪر ، ولا ڪيف لذالڪ ، کما انّه لاڪيف له.))
ترجمو : مخلوق جو ارادو و فعل (ڪم) جي انجام ڏيڻ تي عزم ۽ پھ جو نالو آهي ، جنهن کان پوءِ فعل وجود ۾ ايندو آهي ، پر الله جو ارادو واحداث ۽ ايجاد ڪرڻ جو نالو آهي نه ڪه ڪاٻي شيءِ آهي ، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ فڪر نه ٿو ڪري ، ۽ اهي صفتون الله تعالي جو ارادو عين فعل آهي نه ڪه ڪا ٻي شيءِ آهي ،هو چوي ٿو (کن فيکون) اهو (ڪن) چوڻ لفظ کان سواءِ ، ۽زبان سان ڳالهائڻ کان بغير هوندو آهي ، ۽ اهو بغير ڪنهن پھ (عزم) ۽ غور فڪر ،۽ ڪيفيت جي آهي ، جھڙي ريت الله تعالي لاٰءِ به ڪا ڪيفيت نه هوندي آهي.[7]
 الله تعاليٰ جي معرفت جو صفا هيٺيون درجو
(( الاقرارُ باَنّه لا اِلهٰ غيره و لا شِبه لَه ولا نظير له ، و انّه قديم ، مُثبت ، موجود غير فقيد ، و انّه ليس کمثله شيءٌ)) ترجمو : الله تعاليٰ جي معرفت جو بالڪل هيٺيون ۽ گھٽ درجو هن شيءِ جو اقرار ڪرڻ آهي ته ان کانسواءِ ڪوبه معبود نه آهي ، ۽ ان جو ڪوبه شبيھ ۽ نظير ( ان جھڙو ۽ ان وانگر ) نه آهي ، ۽ هو قديم آهي ، ۽ هو ايجاد ڪندڙ اهڙو موجود آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي فنا ۽ نابودي نه آهي ، ۽ ڪابه شيءِ ان جھڙي نه آهي .[8]
عظمت اهل بيت (ع)
(( نَحنُ سادت في الدنيا و ملوڪ في الاخره))[9]
ترجمو: اسين دنيا ۾ سردار ۽ آخرت ۾ بادشاه آهيون .
الله جي ڌرتي انجي حجت کان سواءِ باقي نه ٿي رهي سگھي
 سليمان بن جعفر جعفري جو چوڻ آهي : مون حضرت امام رضا (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو : لاتخلوالارض من حجّت الله .؟)
ڇا االله جي حجّت کان زمين خالي رهي سگھي ٿي .؟ امام عليه السلام جن فرمايو :
(( لو خلّتِ الارض طرفت عين من حجّت لساخت باهلها .))
ترجمو : جيڪڏهين زمين اک ڇنڀ ( گھڙي پلڪ) لاءِ به حجت خدا کان خالي ٿي وڃي ته زمين پنهنجي رهواسين کي يڪدم غرق (تباه ) ڪري ڇڏيندي .[10]
امام معصوم کان سواءِ زمين جو تباه ۽ برباد ٿيڻ
 محمد بن فضيل کان روايت آهي ته مون ابوالحسن عليّ بن موسيٰ رضا(ع) کا پڇيو : ڇا اهو ٿي سگھي ٿو جو زمين هجي ۽ ان ۾ ڪوبه معصوم امام نه هجي ؟ امام (ع) جن فرمايو :
((لا اذا لساخت باهلها))
ترجمو : نه ، ان وقت زمين پنهنجي رهواسين سان غرق ٿي ويندي .[11]
 والدين سان نيڪي ڪرڻ
 (( برالوالدين واجب ، وان کانا مُشرڪين ، ولا طاعت لهما في معصيت الله عزّ و جلّ ، ولا لغيرهما فانّه لا طاعت لمخلوق في معصت الخالق .))[12]
ترجمو : والدين سان نيڪي ڪرڻ واجب ۽ ضروري آهي ، ڇا هي اهي مشرڪ ئي ڇو نه هجڻ ، ۽ الله جي معصيت ( نا فرماني) ۾ انهن بنهيءَ جي ڪابه اطاعت ،(فرمانبرداري ) نه آهي ، ۽ نه وري انهن ٻنهي کان علاوه ڪنهن ٻئي جي اطاعت اهي ، ڇاڪاڻ ته خالق جي نافرمانيءَ ۾ مخلوق جي ڪابه اطاعت نه آهي .
مال جي گڏ ٿيڻ جا ڪارڻ
 (( لا يَجتَمِع المال الاّ بخصال خمس : بِبُخل شديد ، و اُمَل طويل، و حرص غالب ، قطيعت الرّحم ، ايثار الدنيا علي الآخرت .)) ترجمو : پنجن برين عادتن کان سواءِ مال گڏ نه ٿيندو آهي: وڏي ڪنجوسي، ڊگهي آرزو، گھڻي لالچ قطع رحمي ۽ دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏيڻ سان ئي مال جمع ٿي سگھندو آهي.[13]
حضرت امام حسين (ع) تي روئڻ جو حڪم ۽ امام (ع) جي شهادت جي ڪيفيت
(( يابن شبيب ، ان کنت باکيا لشي ، فانّک للحسن بن علي بن ابي طالب (ع) فانه ذُبح کما يُذبِحَ الکبشُ و قتل معه من اهل بيته ثمانيت عشر رجلا ما لهم في الارض شبيه .)) ترجمو : اي ابن شبيب ، جيڪڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ روئڻ چاهين ٿو ته حسين بن ابي طالب (ع) لاءِ روءُ ڇاڪاڻ ته حسين (ع) کي ايئين ذبح ڪيو ويو جيئن گھيٽو ذبح ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان ان جي اهل بيت مان ارڙنهن اهڙا مرد ماريا ويا جن جو زمين تي ڪوبه مٽ نه هيو.[14]
 الله تعاليٰ جي باري ۾ سٺو گمان رکڻ گھرجي
(( اُحسِن بالله الظنَّ فانّ الله عزَّ و جلَّ يقول :
انا عند ظنِّ عبدي المومن بي ان خير مخير ، وان شرفشرّ))
ترجمو : الله جي باري ۾ نيڪ ۽ سٺو گمان رک ، ڇاڪاڻ ته الله عزّوجلّ فرمائي ٿو ؛ آئون پنهنجي ان ٻانهي ان جي ويجھو آهيان جيڪو مون تي ايمان رکندڙ آهي ، جيڪڏهين هوڀلو ۽ نيڪ آهي ته ان جي جزا پڻ سٺي ٿيندي ، ۽ جيڪڏهين هو برو آهي ته ان جي سزا پڻ بري ٿيندي .[15]
معراج جي تڪذيب ڪرڻ وارو اسلام کان ٻاهر آهي
 (( من کذب المعراج فقد کذب رسول الله (ص) .)) ترجمو : جنهن معراج کي ڪوڙو قرار ڏنو بتحقيق ان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم کي ڪوڙو قرار ڏنو.[16]
حضرت امام حسين (ع) جي سهادت تي ستن آسمانن ۽ زمينن جو روئڻ
(( ولقد بکت السماوات السبعُ والارضونَ لِقتله .))
ترجمو: ۽ بتحقيق حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت تي ست آسمان رُنا ۽ زمينون رُنيون.[17]
 محرم جي ڏهين تاريخ ۾ اهل بيت (ع) تي ڪيل مظالم جو بيان
 (( يابن شبيب ، انّ المحرم هو الشهرالذي کان اهل الجاهليه فيما مضي يُحرمون فيه الظلم والقتال لحرمته ، فما عرفت هّٰذه الامه حرمتَ شهرها ولا حرمت نبيّها (صلي الله عليه وآله وسلم) ، ولقد قتلوا في هذاالشهر ذريته ، وسبّوا نِسائه ، وانتهبو ثقله ، فلا غفر الله لَهُم زالک ابدا . ))
ترجمو : اي شبيب جا پٽ (ريّان) ، بتحقيق محرم اهو مهينو آهي جنهن ۾ جاهليت جي زماني جا انسان به گذريل زماني ۾ هن مهيني جي احترام خاطر ظلم ۽ جنگ کي حرام قرار ڏيندا هئا ، پر هن امّت ان مهيني جي نبيّ ڪريم جي ذريّت کي قتل ڪيائون ۽ ان جي نياڻين کي قيدي بڻايائون ، ۽ ان جي عترت کي قيدي لڻيائون ۽ ڦريائون ، اها شي الله هنن کي ڪڏهين به معاف ڪندو.[18]
 هلاڪ ٿيڻ وارو ۽ نجات پائڻ واروـ ڪافر ۽ مومن جي سڃاڻپ
 (( من فارقنا هلک، ومن تبعنا نجيٰ، والفارق لنا، ولاجاهدُ لولايتنا کافر و متّبعنا و تابع اوليائنا مومن . ))
ترجمو : جيڪو اسان کان ڌار ٿيو اهو هلاڪ (تباھ ۽ برباد ) ٿيو ، ۽ جنهن اسان جي پيروي ڪئي اهو ڪامياب ٿيو ۽ ان نجات پاتي اسان کي ڇڏي ڏيڻ وارو ۽ اسان جي ولايت جو انڪار ڪافر آهي ، ۽ اسان جي پيروي ڪرڻ وارو ۽ ان جي محبّن جو پوئلڳ مومن آهي.[19]
 آل محمد عليهم السلام جي محبت جو فائدو
(( لا يحبنا ڪافر و ولا يبغضنا مومن ، ومن مات و هو يُحبنا کان علي الله حقا ان يبعثه معنا.))
ترجمو : اسان سان ڪوبه ڪافر محبت نه ڪندو ، مومن اسان سان بغض ۽ ڪينو نه رکندو ، جيڪو اسان ساڻ محبت ڪندي هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري وڃي ته الله تعالي تي ضروري آهي ته اهڙي شخص کي اسان سان محشور ڪري.[20]
 حضرت امام رِضا (ع) جي پنهنجي شهادت متعلق خبر ڏيڻ
(( انّي ساقتلُ بالستم مظلوما و اقبرُ الي جنب هارون ، و يجعل الله تربيتي مختلف سيعتي و اهل محبتي فمن زارني في غربتي و وجبت له زيارتي يوم القيامه .))
ترجمو : بيشڪ مون کي مظلوميت جي حالت ۾ زهر سان قتل ڪيو ويندو ۽ هارون جي ڀرسان مون کي دفنايو ويندو ، ۽ الله منهنجي تربت کي منهنجي شيعن ۽ مون سان محبت ڪرڻ وارن جي لاءِ اچ وڃ جي جڳھ قرار ڏيندو ، جيڪو به شخص پرديس ۾ منهنجي زيارت ڪندو ان لاءِ قيامت ڏهاڙي منهنجي زيارت واجب ٿي ويندي.[21]
تواضع ۽ عاجزي
 (( نياز نوڙت )) (( التواضع ان تقطني الناس ما تُحبُّ ان تقطاه))
ترجمو: نياز نوڙت هيءُ آهي ته تون ماڻهن کي اها شي عطا ڪر جيڪا تون ڇاهين ٿو ته تو کي عطا ڪئي وڃي[22]
حياء ۽ شرم جي فضيلت
 (( الحياءُ من الايمان )) ترجمو :حياء ۽ شرم ايمان جو حصو آهي.[23]
 مختصر وضاحت : حياء ۽ شرم هڪ صفت آهي جيڪا براين کان روڪڻ جو سبب ٿيندي آهي ۽ اهو انهيءَ ڪري جو انسان ملامت کان بچي سگھي ، ڇوته ايمان براين ۽ گناهن کان روڪيندو آهي انهيءَ مناسبت جي ڪري حياء کي ايمان جو حصو قرار ڏنو ويو آهي . قرآن ڪريم جي عظمت ريان بن الصلت جو چوڻ آهي ته مون حضرت امام رضا (ع) جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته توهان قرآن جي باري ۾ ڇاٿا فرمايو ؟ تنهن تي پاڻ فرمايائون : (( القرآن کلام الله لا تتهاوزوه ولا تطلبو الهدي في غيره فتضلُوا))
 ترجمو : قرآن الله جو ڪلام آهي ، ان کان اڳيان نه وڌو ، ۽ ان کان علاوه ٻئي هنڌان هدايت نه ڳولهيو ، نه ته گمراه ٿي ويندو .[24]
 نوٽ : روضت الواعظين کان سواءِ ”القرآن“ لفظ استعمال نه ٿيو آهي ، معني جي لحاظ سان ڪوبه فرق نه آهي .
سوال ڪرڻ ۽ گھرڻ جي مذمت
 (هٿ وڌائي گھرڻ کي خاص طور نريو ويو آهي ) (( المسالت مفتاح البوس ))ترجمو : (ٻين کان) گھرڻ فقر ۽ بدبختي جي چاٻي (ڪنجي) آهي .[25]
نوٽ : اڪثر ڪتابن ۾ هن جملي کي عليحده ۽ ڌار ڪري لکيو ويو آهي پر بحارالانوار جي جلد 75 ، ۽ صفحي 356 تي هن جملي کان اڳ
 ” الانس يذهبُ المهابت “ آيل آهي. حضرت امير المومنين عليّ بن ابي طالب (ع) جن به گھرڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي جام نديو آهي ، پاڻ فرمائن ٿا : ” المسالت مفتاح الفقرت “
دوستي
(( الموددُ الي الناس نصف العقلِ ))
ترجمو : انسانن سان دوستي ۽ محبت اڌ عقل آهي[26]
هر انسان جو دوست ۽ دشمن
 (( صديق کلِّ امرءِ عقلُه ، وعدو جهلُه))ترجمو : هر انسان جو دوست انجو عقل ، ۽ ان جو دشمن جهل (جاهليت) آهي.[27]
 وڏو ڀاءُ
(( الاخ الاکبرُ بمنزلت الاب))
ترجمو: وڏو ڀاءُ پيءُ جي جگھ هوندو آهي.[28]
 صاف سٿرو هئڻ
(( من اخلاق الانبياءِ التّنظّفُ))
ترجمو : صاف سٿرو هئڻ ڪري انبياءِ (ع) جي اخلاق مان آهي[29]
نعمت ۽ سرندي وارو انسان
(( صاحب النِّعمت يجبُ عليه التّوسعت علي عياله ))[30]
ترجمو : جيڪو نعمت ۽ سرنديءَ وارو آهي ان تي واجب آهي جو پنهنجي اهل ۽ عيال تي خرچ ڪرڻ ۾ وسعت ڏئي. ڪنجوس، حاسد، بادشاه ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ واري جي حالت
 (( ليس بخيل راحت، ولا لحسود لذت، ولا لملوک وفاءٌ، ولا لڪذوب مروءَت )) ترجمو :ڪنجوس انسان لاءِ ڪوبه سک ۽ چين نه آهي ۽ حسد ڪرڻ واري لاءِ ڪا لذت نه آهي ۽ بادشاهن۾ وفا ڪونه آهي ۽ ڪوڙي شخص لاءِ مروّت نه آهي.[31]
 صبر جي فضيلت
((انّ الصبر علي البلاءِ حسن جميل ، و افضل منه عن المحارم))
 ترجمو: بيشڪ مصيبت تي صبر ڪرڻ ڏاڍو ڀلو ۽ سهڻو آهي ، ۽ ان کان وڌيڪ سـٺو ۽ بهتر حرام ڪمن کان صبر ڪرڻ آهي.[32]
چُپ رهڻ جي فضيلت
 (( من علامات الفقه والحلم والعلم والصمت انّ الصمت باب من ابواب الحکمه انّ الصمت يکسب المحبتَ، انّه دليل عليٰ کُلِّ خير)) [33]
 ترجمو : معرفت جي نشانين مان حلم (بردباري) ، ۽علم ، ۽ خاموشي آهي ، بيشڪ خاموشي پيار ۽ محبت جو سبب آهي ، ۽ اها هر ڀلائي جي رهنما آهي. فقه مان مراد ديني امور ۾ بصيرت آهي يا ان مان مراد دنيا ۽ آخرت لاءِ فائدو ڏيندڙ شين جو علم آهي. علم مان مراد علم جا آثار آهن جهڙوڪ حقّ کي ثابت ڪرڻ ، باطل کي مٽائڻ ، ۽ دين جي ترويج ۽ پرچار ۽ پکيڙ آهي پس ان لحاظ سان علم فقه جي آثار ۽ علامتن مان آهي ، لهذا هن اعتراض جي ڪابه جڳھ ئي ڪونه آهي جو علم ۽ فقه ٻئي هڪ شيون آهن ، ۽ ڪابه شيءِ پنهنجي لاءِ پنهنجي لاءِ علامت نه ٿي ٿي سگھي. حڪمت مان مراد احڪام ۽ موجودات جي حالات جي معرفت ، ۽ الله جي تابعداري ، فرمانبرداري ، ۽ ڀلا ڪم انجام ڏيڻ آهي ، ۽ اها معرفت فڪر کانسواءِ حاصل ڪونه ٿيندي ، ۽ فڪر ڪڏهين به حاصل نه ٿيندو ، يا پورو ۽ مڪمّل نه ٿيندو سواءِ ان جي جو فضول اجاين ڳالهين کان خاموشي اختيار ڪجي.[34]
خاموشي ۽ زبان جي حفاظت
 (( الصّمت باب من ابواب الکمه ، انّ الصّمتَ يکسب المحبتَ ، انّه دليل علي کُلِّ خير .))[35]
ترجمو : خاموشي ۽ چپ رهڻ حڪمت جي دروازن مان هڪ آهي ، بيشڪ خاموشي ، محبت ۽ پيار کي حاصل ڪندي آهي ، بتحقيق خاموشي هر ڀلائي لاءِ دليل ۽ رهنما آهي .
امين ڪڏهن به خيانت نه ڪندو آهي
 (( لم يَخُنک الامين ولٰکن ائتمنتَ الخائِنَ .))[36]
 ترجمو : امانتداري انسان توسان خيانت نه ڪئي آهي پر تو خيانت ڪرڻ واري شخص کي امين سمجھو.
بي وس شخص جي مدد ڪرڻ
(( عونک للضَّعِيفِ افضلُ من الصّدقتِ))[37]
 ترجمو : تنهنجو ڪمزور ۽ بي وس انسان جي مدد ڪرڻ صدقي ڏيڻ کان بهتر آهي .
عقل جو مٿاهون درجو
(( افضلُ العقل معرفة الانسان نفسه))[38]
ترجمو : عقل جو سڀ کان مٿاهون درجو انسان جو پاڻ کي سڃاڻڻ آهي. ڪامل ايمان
 ((والايمان هو اداءُالامانتِ و اجتناب جميع الڪبائر ، و هو معرفت بالقلب ، و اقرار باللسانِ ، وعمل بالارڪانِ))[39]
 ترجمو : ۽ ايمان امانت جي ادائگي ، ۽ مڙني وڏن گناهن کان پرهيز ڪرڻ ۽ اهو دل سان سڃاڻڻ ۽ معرفت رکڻ ، ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ، ۽ عضون سان ڪم ڪرڻ جو نالو آهي
مومن جي پريشاني ۽ ڏک ختم ڪرڻ
((من فَرَّج عن مومن فرّجَ الله عن قلبه يوم القيامة)) [40]
 ترجمو : جنهن شخص ڪنهن به مومن جي دل مان ڏک ۽ غم پري ڪيو، الله قيامت جي ڏهاڙي ان شخص جي دل هر طرح جو ڏک ۽ رنج پري ڪندو . الله جي فرمانبرداري جي جڙ
(( راس طاعتِ الله الصّبرُ والرِّضا ))[41]
 ترجمو : الله جي اطاعت ۽ فرمانبرداري جي پاڙ ۽ بنياد صبر ۽ قضا ۽ قدر تي راضي هجڻ آهي .
بهترين مال
 (( افضل المال ما وُقِيَ بِه العِرضُ))[42]
ترجمو : بهترين مال اهو آهي جنهن جي ذريعي عزت بچائي وڃي
عقل ۽ ادب
(( يا ابا هاشم العقلُ حياءٌ من الله والادب کلفت ، فمن تکلف الادب قدر عليه ، ومن تکلف العقل لم يزدد بذالک الّاجھلا .))[43]
 ترجمو : اي هاشم ؛ عقل الله طرفان عطيو آهي ، ۽ ادب ڪوشش ۽ ڏکيائي سان حاصل ٿيندو آهي ؛ جنهن شخص ادب حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليف ۽ ڏکيائي برداشت ڪئي ، تنهن کي ادب حاصل ٿي ويندو ، ۽ جنهن شخص عقل جي حاصل ڪرڻ جي تڪليف ڪئي ته ان شخص ان جي ذريعي جهل ۽ بي وقوفي کان سواءِ ڪجھ به نه وڌايو .مرحوم شيخ طريقي پنهنجي ڪتاب ”مجمع البحرين“ ۾ لکن ٿا: حضرت امام (ع) ان ڪلام مان ارادو ڪن ٿا ته عقل وهبي ۽ الله طرفان عطاء آهي ۽ ادب ڪسبي آهي ، ۽ جھل مان مراد بي وقوفي ۽ حماقت آهي[44]
مڪمل ۽ حقيقي عبادت
(( ليس العبادت ڪثرت الصلات والصوم، انّما العبادت التّفکر في امر الله عزّوجلّ . ))
ترجمو : عبادت، گھڻي نماز پڙهڻ ۽ گھڻا روزا رکڻ نه آهي، عبادت ته صرف الله عزّوجلّ جي امر ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ جو نالو آهي. هيءُ حديث تحف العقول ۾ هنن لفظن سان ذڪر ٿيل آهي :
(( ليس العبادت کثرت الصيام ، والصلاة و انّما العباد کثرت التفکر في امر الله)) عبادت گھڻن روزن ۽ نمازن جو نالو نه آهي ، ۽ عبادت ته الله جي امر ۾ گھڻي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو نالو آهي[45]
 فضول ڳالهائڻ ، اجايو مال ضايع ڪرڻ ۽ گھڻن سوال ڪرڻ جي مذمت
((انّ الله عزّوجلّ يُبغض القيل والقال واضاعت المال و ڪثرت السوال)) ترجمو : بتحقيق الله عزّوجلّ اجاين ۽ فضول ڳالهين ۽ مال کي ضايع ڪرڻ ۽ گھڻي سوال ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري[46]
غور و فڪر ڪرڻ
(( التفکر مرآتک تريک سيّئاتک و حسناتک ))[47]
ترجمو : فڪر ڪرڻ تنهنجو هڪ اهڙو آئينو آهي جيڪو تو کي تنهنجو برايون ۽ ڀلايون ڏيکاري ٿو .
احسان ڪندڙ شخص جو شڪر ادا ڪرڻ ضروري آهي
 (( من لم يشکر المنعم من المخلوقين لم يشکر عزّ و جلّ ))[48]
ترجمو : جنهن به مخلوق مان نعمت ڏيڻ واري شخص جو شڪر ادا نه ڪيو تنهن الله عزّ و جلّ جو شڪر ادا نه ڪيو. حرص ۽ حسد کان بچڻ
 (( ايّاکم والحرصَ والحسد فانهما اهلکا الامم السالفتَ .))
 ترجمو : بچو بچو حرص ۽ حسد کان بچو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي گذريل امّتن کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو[49]
 حق لاءِ صبر جو ثواب
 (( من صبر للحق ، عوّضه الله خيرا ممّا صبر عليهِ ))[50]
 ترجمو: جنهن حق خاطر صبر ڪيو ، الله ان شخص کي ان جي بدلي ۾ ان شيءِ کان وڌيڪ بهتر عطا فرمائيندو جنهن تي هن صبر ڪيو هيو حد کان وڌيڪ گَھَري ۽ مانوس ٿيڻ جي مذمت
 (( الانس يُذهبُ المهابتَ ))
ترجمو : حد کان وڌيڪ ميل جول ۽ مانوس هجڻ هيبت کي ختم ڪري ٿو[51]
 الله تعاليٰ کي مخلوق سان تشبيه ڏيندڙ مشرڪ آهي .
(( من شَبَّه الله بخلقه فهو مشرک))جنهن الله تعاليٰ کي ان جي مخلوق سان تشبيه ڏني اهو مشرڪ آهي الله تي ڀروسي ڪرڻ جو فائدو
( اسراف جي مذمت ۽ قناعت جي فضيلت )
((من اراد ان يکون اغني النّاس ، فليکن واثقا بما عندالله عزّ و جلَّ))
ترجمو : جيڪو شخص سڀني کان وڌيڪ غني ۽ دولتمند ٿيڻ چاهي ٿو تنهن کي گھرجي ته جيڪا به شي الله عزّ و جلّ وٽ آهي ان تي ڀروسو ڪري .[52]
جزا ۽ عطا
 ((من ايقن بالخلقِ جاد بالعطيتِ))
ترجمو : جنهن شخص جزا جو يقين ڪيو ان بخشش ۽ عطا سان سخاوت ڪئي .
 صدقو
(( خير مال المرءِ و ذخائره الصدقتُ ))
 ترجمو : انسان جو سڀ کان بهتر مال ۽ ذخيرو صدقو آهي .
اخلاق جا قسم
(( حسن الخلق سجِيّت و نيّت ، و صاحب النيتِ افضلُ .))[53]
 ترجمو : اخلاق ٻن قسمن جو هوندو آهي : هڪ فطري ۽ ٻيو اڪتسابي (ڪسبي) ۽ اڪتسابي خلق وارو شخص فطري خلق واري کان بهتر ۽ افضل آهي . 
 [1] _ توحيد ، ص 293
(2)_ الامالي ، للشيخ الصدوق ، ص 433
(3)_ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج 2 ،ص 256
 (4)_ الاحتجاج ، ج 2 ، ص171
(5)_ بحار الانوار ، ج 54 ، ص 256
(6)_ الفصول المهمّه في اصول الائمّه (ع) ج1 ، ص140
 [2] _ التّوحيد ، ص352 ، باب 59 ،ح9 (2)عيون اخبارالرِّضَا (ع) ج2 ،ص 131 ، (3)مسندالامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص36
 [3] _ (1)عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص105 ، باب 11 (( ماجاء عن الرّضا علي بن موسي (ع) من الاخبار في التّوحيد ))
 (2)جامع احاديث الشيعه ، ج26 ، ص28
(3)نزهت الناظر و تنبيه الخاطر ، ص128 ، ح3
[4] _ التوحيد ، ص338 ، باب 55 ، باب المشيه والاراده مختصر بصائر الدرجات ، ص 143
[5] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2، ص246، باب28 ،ح2 علل الشرايع ، ج1، ص198 ، باب 153 ، ح19
[6] _ علل الشرايع ، ج1،ص198 ، باب 153 ، ح20 الڪافي ، ج1 ، ص179 ، باب انّ الارض لا تخلومن حجه ،ح12 عيون اخبارالرضا(ع) ، ج2 ،ص246 ،باب28 ،ح3
[7] _ الڪافي ، ج1 ،ص109 ،(باب الاراده )، ح3، التوحيد ، ص147 ، باب 11 ،ح17 عيون اخبارالرضا(ع) ،ج2 ، ص 109 ، باب 11 ،ح11 مختصر بصائرالدرجات ، ص140 ( احاديث الاراده و انّها من صفات الافعال ) الفصول المهمه في اصول الائمه ، ج1 ، ص 194 ،باب 25 ،ح3
[8] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص 122 التوحيد ، 277 ، باب 40 ، ح1 الڪافي ، ج1 ، ص86 ( باب ادني المعرفه ، ح1) ڪتاب التوحيد
 [9] _ الامالي ، للصدوق ، ص 652 ، ح889ـ17 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج ، ص62 ، ح210 بحارالانوار ، ج 26 ، ص262 ، ح44 (باب جوامع مناقبهم و فضائلهم (ع) )
[10] _ بصائرالدرجات ، ص509 ، باب 12 ، ح8 ڪمال الدين و تمام النعمه ، ص204 ، باب21 ، ح15عيون اخبارالرِضا (ع) ، ج2 ، ص246 ، باب156 ، باب28 ،ح2علل الشرايع ، ج1، ص198 ، باب 153 ، ح21
[11] _ علل الشرائع ، ج1 ، ص198 ، باب 153 ، ح17 ، الڪافي ،عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص246 ، باب28 ، ح
1 [12] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص132 ، باب 35 ، ح1 وسائل الشيعه ، ج16 ، ص155 ، باب 11 ،ح10 بحارالانوار ، ج71 ، ص71 ، (( في معصيت الله عزّوجلّ جي جگھ تي ”في معصيت الخالق“ آيل آهي ، ۽ ان کان پوءِ وارو جملو ذڪر نه ڪيو ويو آهي .)) مسند الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص500 ، ڪتاب النوادر ، ح103
[13] _ الخصال ، للشيخ الصدوق ، ص 282 ، ح29 ، مشکات الانوار ، ص 470 ، فصل 8 ، عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص250 ، ح13 ، باب 28 ، بحارالانوار ، ج 70 ، ص 137 ، باب 133 ، ح5وسائل الشيعه ، ج 17 ، ص 34 ، ” باب استصحاب جمع المال من حلال لاجل النفقت في الطاعات ، کراهت جمعه لغير ذالڪ “ح 4
 [14] _ الامالي ، للشيخ الصدوق ، ص 192 ، ح 202ـ5 بحارالانوار ، ج98 ، ص 102 ـ 103 ، المجالس الفاخره في مصائب الصره الطاهره ، ص62 درر الاحبار ، حجازي ، خسروشاهي ، ص 694 ، حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص336
 [15] _ بحارالانوار ، ج67 ، ص385 ، ح44 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص22 ، ح44 (.....عند ظنِّ عبدي المومن بي ان خير مخير ، وان شرفشرّ.)) ٿورڙي لفظي اختلاف سان ذڪر ٿيل آهي .
 [16] _ صفات الشيعه ، ص50 ” ليکڪ شيخ صدوق عليه الرحمه ، ڪانون انتشارات عابدي ، القرآن . “ بحارالانوار ، ج18 ، ص312 ” اثبات المعراج و معناه و کيفيته ....“ ،ح23 مستدرک سفينت البحار ، ج5 ، ص31 ، مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص81 ،
 [17] _ الامالي ، للشيخ الصدوق ، ص192 .عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص269وسائل الشيعه ، ج14 ، ص502 ، ح5 ، باب66.بحارالانوار ، ج44، ص286 ، 7 ج98 ، ص103العوالم ، الامام الحسن (ع) ، ص 539 ، باب4 ، ح2 .جامع احاديث الشيعه ، ج12 ، ص548
 [18] _الامالي للشيخ الصدوق ، ص192بحارالانوار ج98 ، ص103 ، باب14 ، ح3دررالاحبار ، ص694 المجالسُ الفاخره ، ص61 ، حيات الامام الرضا (ع) ج2 ، ص336
[19] _ تفسيرالقمي ، ج2 ، ص104 ”آيت نور جي تفسير “ تفسير نور الثقلين ، ج3 ، ص607 ” آيت نور جي تفسير “ غايت المرام ، ج3 ، ص262الشيعة في احاديث الفريقين ، ص530
[20] _ تفسيرالقمي ، ج2 ، ص104 ” سورت نور مان آيت نور جي تفسير “تفسير نور الثقلين ، ج3 ، ص607 غايت المرام ، ج3 ، ص262 ” الباب الحدي عشر في قوله تعالي : في بيوت اذن الله ...“ الشيعه في احاديث الفريقين ، ص530
[21] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص248 ، باب52بحارالانوار ، ج99 ، ص36 ، باب4 ، ح23 جامع احاديث الشيعه ، ج12 ، ص592
[22] _الڪافي ، ج2 ، ص124 ، باب التواضع ، ح13 بحارالانوار ، ج72 ، ص135 ، ح36 جامع احاديث الشيعه ، ج14 ، ص302 ، باب 71 ، ح21 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص273 ، باب التواضع والحلم ، ح66
[23] _ عيون اخبارالرض (ع) ، ج2 ، ص239 ، باب 26 ، ح 23 مسند الامام الرضا (ع) ، ج 1 ص281 ، باب النوادر ، ح 92
[24] _ روضة الواعظين ، ص 38بحارالانوار ، ج89 ، ص117 ، باب 14 ، ح2التّوحيد ، ص224 ، باب القرآن ، ح2 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص62 ، ح209 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص307 ۽ 308
[25] _ عيون الحڪم والمواعظ ، ص43 باب 1الدررالباهره من الاصداف الطاهره ، ص8جامع احاديث الشيعه ، ج8 ، ص458 ، ح1336 بحارالانوار ، ج93 ، ص157 ، باب16 (باب دمّ السوال خصوصا بالڪف و من المخالفين ) ، ح 35
[26] _الڪافي ، ج2 ، ص643 ، ح4،،تحف العقول ، ص443 بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح 15 الانوار البهيّه ، ص221 وسائل الشيعه ، ج12 ، ص52 ، ح3 ، باب استصحاب التحبب .... اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 حياة الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 ، ح9 الفصول المهمه في اصول الائمه ، ج3 ، ص356 باب 84 ،ح2 صحيفة الرضا (ع) ، ص390 ، ح20 موسوعة المصطفي والعتره (ع) ، ج11 ، ص286 ، ح25 ۽ ج12 ، ص381 ، ح14_
[27] _ الڪافي ، ج1 ، ص11 ، ڪتاب العقل والجهل ، ح4 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص27 ، ح1 ، باب 31 ، ۽ ج2 ، ص234 ، باب 36 ، ح15 تحف العقول ، ص443 ڪشف الغمه ، ج3 ، ص85 بحارالانوار ، ج75 ، 335 ، ح14 ، باب26 الانوارالبهيه ، ص221 موسوعه احاديث اهل البيت (ع) ، ج2 ، ص415 ، ۽ ج7 ، ص232 ، ۽ ج9 ، ص394
[28] _ تحف العقول ، ص442 بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح10 مستدرل سفينه البحار ، ج1 ، ص74 اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 حيات الامام الرضا(ع) ، ج2 ،ص82 ، موسوعة المصطفيٰ العترت (ع) ، ج12 ، ص380 مسند الامام الرضا(ع) ، ج2 ، ص257 ، ح13
[29] _ التحف العقول ، ص442 بحارالانوار ، ج75 ، ح4 ، باب 26 مستدرک سفينه البحار ، ج9 ، ص519 ۽ ج10 ، ص93 الڪافي ، ج5 ، ص567
[30] _ الڪافي ، ج4 ، ص11 ، باب ڪفايت العيال والتّوسعت عليه ، ح5 تحف العقول ، ص442 ، بحارالانوار ، ج75 ،ص335 ، ح2 ، باب26 وسائل الشيعه ، ج21 ، ص540 ، ح3 مستدرک سفينت البحار ، ج10 ، ص105 جامع احاديث الشيعه ، ج21 ، ص467 مسند الامام الرضا(ع) ، ج1 ، ص285 ، ح114 اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 جامع السعادات ، ج2 ، ص110
[31] _ تحف العقول ، ص450 بحارالانوار ، ج75 ، ص345 ، ح48 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص286 ، ح125 ، ۽ ج2 ، ص480 ، ح58 اعيان االشيعه ، ج2 ، ص28 حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 ، ح22 صحيفه الرضا (ع) ، ص396 ، ح25 موسوعة المصطفي والعتره (ع) ، ج12 ، ص385 ، ح40 _
[32] فقه الرضا (ع) ، ص368 ، باب الصبر والڪتمان والنصيحه
[33] _1ـ الکافي ، ج2 ، ص113 ، باب الصمت و حفظ اللسان ، ح1 عيون اخبارالرضا (ع) ، ج2 ، ص234 ،ح14 وسائل الشيعه ، ج12 ، ص182 ، باب 117 ، ح1 بحارالانوار ، ج2 ، ص48 ، ۽ ج68 ،ص276
[34] _ شرح اصول کافي ، ج8 ، ص333 [35] _ تحف العقول ، ص442 مستدرک الوسائل ، ج9 ، ص17 ، باب استصحاب الصمت ......... موسوعة المصطفيٰ والعترت (ع) ، ص382 الاختصاص ، ص232 ، بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح8 الانوارالبهيه ، ص221 .صحيفة الرضا (ع) ، ص386
 [36] _تحف العقول ، ص442 . بحارالانوار ، ج75 ، ص335 اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 موسوعة المصطفيٰ والعترت (ع) ، ج12 ، ص385 ، فصل 12 ، ح 36
[37] _ تحف العقول ، ص414 .. حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص82 ، ح20 الانوارالبهيه ، ص 221 . صحيفة الرضا (ع) ، ص394 مستدرک سفينة البحار ، ج7 ، ص489 . بحارالانوار ، ج75 ، ص334
 [38] _ حياةالامام الرضا(ع) ، ج2 ، ص68 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص302 بحارالانوار ، ج75 ، ص352 . اعيان الشيعه ، ج2 ، ص28 الدررالنظم ، ص691 . العدد القويه ، ص292
[39] _ الفصول المهمه في اصول الائمه ، ج1 ، ص438 ، باب 110 ، ح 22 [40] _ اصول الکافي ، ج2 ، ص200 ، ح4 باب تفريج کرب المومن وسائل الشيعه ، ج11 ، ص587 ، ح 6 باب استحباب تفريح ڪرب المومن بحارالانوار ، ج71 ، ص321 ، ح88
[41] _ مستدرک سفينت البحار ، ج4 ، ص149 فقه الرضا (ع) ، ص359 _[42] صحيفه الرضا (ع) ، ص396
[43] _ اصول الڪافي ، ج1 ،ص24 ، ڪتاب العقل والجهل ، تحف العقول ، ص448 . بحارالانوار ، ج75 ، ص342
 [44] _ مجمع البحرين ، ج1 ، ص451
[45] _ الکافي ، ج2 ، ص55 ، باب التفکر ، ح4 حيات الامام الرضا (ع) ، ج2 ، ص68مسند الامام الرّضا (ع) ، ج1 ، ص3 ، باب العقل ، ح3 بحارالانوار ، ج75 ، ص 335 ، ح 3 ، باب 26 ( تحف العقول مان نقل ٿيل آهي ) وسائل الشيعه ، ج15 ، ص156 ، ۽ ج16 ، ص156 التفسير الصافي ، ج1 ، ص409 ، تفسير نورالثقلين ، ج 1 ، ص40 تفسير کنزالدقائق ، ج2 ، ص319 . تحف العقول ، ص466 ، ح2 ( با ترجمه کوه کمره اي )
[46] _ الکافي ، ج 5 ، ص300 ، ح5 . مسند الامام الرضا (ع) ج1 ، ص285 ، ح116۽ ج2 ، ص480 ، ح55 بحارالانوار ، ج75 ، ص335 ، ح16 . الوارالبهيه ، ص221
[47]_ فقه الرضا (ع) ، ص380 . جامع احاديث الشيعه ، ج14 ، ص309 ، ح2633 بحارالانوار ، ج68 ، ص325 ، باب 80 ( باب التفکر والاعتبار والاتّعاظ بالعبر ) ح19 مستدرک الوسائل ، ج11 ، ص184 ، باب استصحاب التفکر فيما يوجب الاعتبار والعمل ، ح6
 [48] _ عيون اخبارالرضا (ع) ، ج1 ، ص27 ، ح2 ، وسائل الشيعه ، ج11 ، ص542 ، ح15 مسند الامام الرضا (ع) ، ج1 ، ص299 . بحارالانوار ، ج68 ، ص44 ، ح47 جامع احاديث الشيعه ، ج13 ، ص538 ، ح1546 موسوعة احاديث اهل البيت (ع) ، ج5 ، ص424 مستدرک سفينة البحار ، ج6 ، ص30 ، باب شڪر المنعم ، ص298
[49] _بحارالانوار ، ج75 ، ص346
[50] _ فقه الرضا (ع) ، ص368 . بحارالانوار ، ج68 ، ص90
 [51] _ بحارالانوار ، ج71 ، ص181 . ميزان الحکمه ، ج1 ، ص22 الدرر الباهرت من الاصداف الطاهرت ، ص8 ، ح6 ( شهيد اول)
 [52] _ فقه الرضا (ع) ص346 (باب القناعه ) بحارالانوار ، ج68 ، ص348جامع احاديث الشيعه ، ج8 ، ص463 ، باب استصحاب القناعه ... ح1363 مستدرک الوسائل ، ج15 ، ص225 ، باب استصحاب القناعه .... ح11
 [53] _ فقه الرضا (ع) ، ص378
ملتے جلتے موضوعات: سيرت معصومين عليهم السلام
تاریخ : Sun 9 Oct 2011
ٹائیم : 12:52 AM

.:: This Template By : Muhammad Hassan Lashari ::.

مین پیج
مین پیج
ایمیل
تمام مطالب
بلاگ کے مطالب
لینک RSS
موبائل کے لئے
ہمارے بارے میں
اڈمین بلاگ
محمد حسن لاشاری ۔
ہم سے رابطہ:
مشھد مقدس ایران
موبائل/واٹسپ نمبر:
00989382237825
www.facebook.com/Hassan.iran
فیس بوک
Hassan.iran@facebook.com
مدیر سائٹ کا تعارف
آخری پوسٹ
Mon 2 Dec 2024" >رسول اکرم ﷺ اور حضرت فاطمہ زہرا (س) کی آخری گفتگو
Mon 2 Dec 2024" >میں نے اپنی بیٹی کا نام فاطمہ کیوں رکھا ؟
Tue 21 Mar 2023" >ولایت اور ولی فقیہ
Tue 7 Jun 2022" >ولایت فقیہ کی ضرورت
Tue 7 Jun 2022" >اور تم کیا جانو ولایتِ فقیہ کیا ہے؟
Thu 2 Sep 2021" >حاج قاسم ولایت فقیہ کے سپاہی تھے،
Mon 23 Aug 2021" >محرم الحرام کی مناسبتیں
Mon 26 Jul 2021" >آڈیو کتاب اردو زبان میں/واقعہ غدیر قدم بہ قدم
Mon 26 Jul 2021" >عید غدیر خم مبارک ہو
Thu 20 May 2021" >حضرت آیت اللہ العظمیٰ امام خامنہ ای نے فرمایا کہ
Mon 17 May 2021" >یوم قدس دنیا کے تمام مسلمانوں کے متعلق ہے
Mon 17 May 2021" >آيت اللہ العظمی امام خامنہ ای  کا خطاب (اردو ترجمہ)
Mon 17 May 2021" >رهبرکبیر انقلاب اسلامی حضرت امام (رح)
Sat 13 Feb 2021" >امام محمد باقر علیہ السلام کی مختصر سوانح حیات
Sat 13 Feb 2021" >امام محمد باقر (ع) فرماتے ہیں